SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اساسي شاعري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اساسي شاعري

(Basic Poetry)

اساسي شاعريءَ جو بنياد يا اساس اعليٰ انساني قدرن واري فهم ۽ فڪر تي رچيل شاعري. اهڙي شاعريءَ ۾ ڪنهن قصي ۽ واقعي جي بيان يا فقط شاعراڻين خوبين جي اظهار بدران ڪا اعليٰ مقصد واري معنيٰ سمايل هوندي آهي. دنيا جي هر ٻيءَ زبان وانگر سنڌي زبان جي اساسي شاعريءَ جو اساس/بنياد ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ انساني وحدت ۾ ويساهه، ۽ معاشري ۾ اعليٰ خوبين واري ڪردار جي مفهوم تي ٻڌل آهي. مجموعي طور، سنڌي اساسي شاعري انسان جي ايمان ۽ ارادي جي سچائي ۽ عملي ڪردار جي اعليٰ معيارن جي تشريح ۽ تعبير آهي .سنڌي اساسي شاعري، صوفين سالڪن ۽ وڏي نظر ۽ وڏيءَ دل وارن دانائن ۽ دردمندن جو ڪلام ۽ پيغام آهي جنهن ۾انسان جي عارضي زندگي ۽ سندس دائمي بقاءَ سان لاڳاپيل حقيقتن جا اهڃاڻ سمايل آهن. قاضي قادن اساسي شاعريءَ جي عمارت جو باني سمجهيو وڃي ٿو. يارهين صديءَ جي آخر ۽ ٻارهين صديءَ ۾ شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جي رسالن ۾ اساسي شاعريءَ جي عمارت، هيئت ۽ صورت جڙي راس ٿي. اعليٰ فڪر ۽ مضمونن جي نکار جي لحاظ سان شاهه عبداللطيف ان کي سينگاري ڪلاسيڪي شاعريءَ جي راهه روشن ڪئي، جنهن تي اڳتي روحل فقير، سچل سرمست، صوفي صادق، خليفي نبي بخش ۽ ٻين اعليٰ اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ کي سنواريو ۽ سينگاريو.


Remember Me Also:

هوس ناڪ

هَوَسُ ناڪُ جمع هَوَسُ ناڪَ

ذ . صفت. حريص، هوَسي، پنهنجي مرضيءَ وارو، وڏ خيالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal